سچل آرٽس ڪاليج ڊرئميٽڪ سوسائٽي

سچل آرٽس ڪاليج ڊرئميٽڪ سوسائٽي: هن سنڌي ڊرئميٽڪ سوسائٽيءَ، 1964ع کان تمام سٺا ڊراما پيش ڪيا، جن جا ليکڪ ۽ هدايتڪار عبدالحق ابڙو ۽ قاسم فاني هئا. ان کانسواءِ هن سوسائٽيءَ پاران محمد يوسف پنهور جو هڪ مزاحيه ننڍو ناٽڪ ’اڃا ڪي آهن‘ پيش ڪيو ويو. هن سوسائٽيءَجا پنهنجا ڪي مشهور ناٽڪ پڻ هئا، جن ۾ هاءِ پيري، کٽل کاتو، دولتمند ٺڳ ۽ بس حل ٿي ويو شامل هئا. انهن ڊرامن ۾ قاسم فاني، جنيد ڀٽي، الياس مغل ۽ عبدالحق ابڙي، اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو